جديد سنڌي ڪهاڻي

جديد سنڌي ڪهاڻي

جديد سنڌي ڪهاڻي

جديد سنڌي ڪهاڻي (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ترقي پسند ليکڪ رئوف نظاماڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل چوڏهن مضمونن سان ڪهاڻيءَ جي فن ۽ ان جي سمجهڻ ۽ ان جي تجزيي تي تفصيلي بحث ٿيل آهي. هن مجموعي جي پهرئين مضمون ’سنڌي ڪهاڻيءَ جو پس منظر ‘ ۾ ڪهاڻيءَ جي فن ۽ فڪر جي ارتقا جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي، ٻئي مضمون مختصر ڪهاڻي ۾ تبديليءَ لاءِ جاکوڙ ۾ ليکڪ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته سنڌي سماج ۾ تبديلي هر سطح تي جاري آهي. ڪو به سڄاڻ ماڻهو انهيءَ کان پاسو ڪري نڪري نٿو سگهي. مضمونن جي هن مجموعي ۾ شامل مختلف مضمونن ۾ مجموعي طور تي 118 ڪهاڻين، هڪ ناوليٽ ۽ هڪ ناول تي مضمون نگار پنهنجي جائزي سان گڏ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر فيروز احمد جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ ۽ نقاد ولي رام ولڀ لکيو آهي. 102 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي، جنهن کي انڊس پبلشرز ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .


لفظ جديد سنڌي ڪهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو